ڀارت سان جنگ جو خطرو اڃا بہ موجود آھي: بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير وفاقي خواجا آصف چيو آهي تہ ڀارت سان جو جنگ جو خطرو ٽريو ناھي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي وفاقي وزير خواجہ آصف چيو تہ پراڪسي وارو ڪڏھن وار ڪڏھن ختم ناهي ٿيو، ڏھاڪن کان هلي رھيو آهي، پراڪسي وار ماڊرن وار فيئر جو هڪ ٽول آهي.

هن چيو تہ پراڪسي وار ۾ هاڻ شدت آئي آهي، پراڪسي وار 80 جي ڏھاڪي ۾ شروع ٿيو، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ڌماڪا ٿيا.

دفاع واري وزير چيو تہ ڀارت سان هڪ ٻي جنگ جو خطرو هو، مئي جي جنگ کانپوءِ امڪان هو، ڀارت سان هاڻ بہ جنگ جو خطرو آهي، اهو خطرو ٽريو ناهي.

خواجا آصف چيو تہ ڀارت خلاف اسان جي فتح جي سرٽيفڪيشن آمريڪا ڏئي رھيو آهي، آمريڪي صدر مداخلت ڪري جنگيون بند ڪرايون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں