فيصل آباد جي علائقي ملڪ پور ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ گئس ليڪج سبب ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 17 ٿي ويو آھي.
ملڪ پور ۾ واقع فيڪٽري ۾ ٿيل ڌماڪو ايترو شديد هو جو فيڪٽري پٽ ٿي وئي، جڏھن تہ ڌماڪي سبب ڀرپاسي وارن گهرن جون ڇتيون بہ ڪري پيون۔
ريسڪيو عملدارن موجب واقعي جي اطلاع ملندي تي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، هن وقت تائين 14 ماڻهن جا لاشن ڪڍيا ويا آهن، جڏھن تہ 2 زخمين اسپتال ۾ دم ڏنو۔
ريسڪيو اختيارين موجب 6 ماڻهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي انهن کي طبي امداد ڏني وئي آھي۔
ريسڪيو ٽيمن موجب واقعي واري ھنڌان ملبو ھٽائڻ جو ڪم جاري آھي، ملبي ھيٺان وڌيڪ ماڻھو دٻيل ھجڻ جو خدشو آھي.
ڪمشنر فيصل آباد موجب شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي تہ ڪارخاني ۾ ڌماڪو گيس ليڪج سبب ٿيو.
ڪمشنر موجب واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي ويندي آھي.