قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آھي تہ سياست ۾ انھاپسندي اچي وڃي تہ نہ ملڪ ۽ نہ ئي نظام ھلي سگھندو.
اسلام آباد ۾ اڳوڻي سينيٽر عرفان صديقي جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو تہ مخالفت جو نقصان ھميشہ ملڪ ۽ قوم کي ٿيندو آھي، بھتر انداز ۾ سياست ڪرڻ وارو عمل ئي ملڪ کي اڳتي وٺي ويندو.
سندس چوڻ ھو تہ سياست ۾ انھاپسندي اچي وڃي تہ نہ ملڪ ۽ نہ ئي نظام ھلي سگھندو، پوءِ اھو ئي ٿيندو، جيڪو ھن ملڪ ۾ ٿيندو آيو آھي.
ھن چيو تہ ٻين ماڻھن کي ڳالھيون بھترين انداز ۾ سمجھائڻ وارو ھنر سينيٽر عرفان صديقي کي ايندو ھو. سندس چوڻ ھو تہ عرفان صديقي گرم سياسي ماحول ۾ بہ ٿڌين ھوائن وارو ڪردار ادا ڪيو، سندس خدمتون وساري نہ سگھبيون.