ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 330 ملين ڊالرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو تہ فنڊ سيڪنڊ پاور ٽرانسميشن اسٽريٿنگ منصوبي لاءِ جاري ڪيو ويو.
پڌرائي موجب ھي منصوبو ڪلين انرجي ٽرانسميشن لاءِ انتھائي اھم آھي، جنھن تحت 500 ڪي وي جي نئين 290 ڪلوميٽر ٽرانسمينيٽ لائين ڏني ويندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو تہ منصوبي تحت اسلام آباد ۽ فيصل آباد لاءِ گرڊ انفرا اسٽرڪچر اپگريڊ ٿيندو، منصوبا 3200 بجلي نيشنل گرڊ تائين پھچائڻ ۾ مدد فراھم ڪندو.
ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پڌرائي ۾ چيو ويو تہ ھي منصوبو پاڪستان جي توانائي شعبي جي سڌاري واري پروگرام جو حصو آھي، ان سان توانائي سيڪيورٽِي ۽ سستي بجلي جي فراھمي واري عمل ۾ بھتري ايندي. پڌرائي ۾ چيو ويو تہ ان ۾ 285 ملين ڊالر عام قرض ۽ 45 ملين ڊالرز رعايتي قرض شامل آھي.