اليڪشن ڪميشن طرفان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي جو رويو ووٽرز جي زندگين لاءِ خطرو قرار

فہرستِ مضامین

اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي جي رويي کي ووٽرز جي زندگين لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

اليڪشن ڪميشن سھيل آفريدي خلاف  عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ عوام کي ڀڙڪائڻ واري عمل تي بچاءَ ۽ گھرو سيڪريٽري کان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي آھي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب وڏي وزير جي غيرذميواراڻي رويي سبب  اين اي 18 ۾ ننڍي چونڊ ڏکئي بڻجي وئي آھي، اھڙي رويي سبب عملي ۽ عوام جي زندگين کي خطرو آھي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران درخواست ڪئي وئي تہ عملي ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري کي خط لکي ھدايت ڪئي تہ وڏي وزير کي چونڊ مھم جو حصو بڻجڻ کان روڪيو وڃي. خط ۾ چيو ويو تہ اين اي 18 ھريپور جي چونڊ مھم دوران ڪيل وڏي وزير جي تقرير ضابطن خلاف آھي، اليڪشن ايڪٽ موجب وڏو وزير چونڊ مھم ۾ حصو نٿو وٺي سگھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں