آمريڪي ڪانگريس اعتراف ڪيو آھي تہ پاڪستان مئي ۾ ڀارت جي خلاف جنگ ۾ فوجي برتري حاصل ڪئي، ان دوران چين پنھنجي دفاعي نظام کي آزمايو.
آمريڪي ڪانگريس جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ چين 2024 ۽ 2025 ۾ پاڪستان سان عسڪري سھڪار وڌايو، جنهن ۾ گڏيل مشقون، دهشتگردي خلاف مشقون ۽ پاڪستان جي گھڻ ملڪي امن مشقون شامل ھيون
رپورٽ موجب، چئن ڏينهن جي چڪرين دوران پاڪستان جي چيني ھٿيارن سان ڪارڪردگي نمايان رھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ پاڪستان پاران چيني هٿيارن جي مدد سان ڀارت جي فرانسيسي رافيل جهازن کي نشانو بڻائڻ، چيني هٿيارن جي وڪرو لاءِ هڪ اثرائتو دليل بڻجي ويو آھي.
رپورٽ موجب، هي پهريون موقعو هو جڏھن چين جا جديد هٿيار جهڙوڪ (ايڇ ڪيو-نائين) دفائي نظام، پي ايل-15) ايئر ٽو ايئر ميزائل ۽ جي -35 ويڙھاڪ جھازسڌو سنئون جنگ ۾ استعمال ڪيا ويا، جيڪي چين لاءِ عملي ميدان ۾ ھڪ وڏو ترجبو ثابت ٿيا .
رپورٽ موجب چين جون 2025 ۾ پاڪستان کي جي 35 جديد جھاز، ڪي جي 500 ايئر ڪرافٽ ۽ بليسٽڪ ميزائل ڊفينس سسٽمز وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني
رپورٽ موجب، ساڳئي مهيني پاڪستان 2025-2026 جي دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو، جنهن سان مجموعي بجيٽ ۾ گھٽتائي جي باوجود دفاعي خرچ 9 ارب ڊالر تائين پھتا.