ايندڙ چوماسي جي برساتن جي نقصانن کان بچڻ لاءِ ھاڻي کان تياري ڪئي وڃي: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ سال جي مون سون دوران ڪنهن بہ جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ اڳواٽ تياري جي هدايت ڪندي چيو آهي تہ موسمياتي تبديلي ۽ رٿابندي واري وزارت ۽  اين ڊي ايم اي، صوبائي حڪومتن سان گڏجي موسمياتي تبديلي بابت منصوبا تيار ڪن۔

وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ بابت حڪومتي حڪمتِ عملي تي جائزي جو اجلاس ٿيو.

وزيراعظم اجلاس ۾ هدايت ڪئي تہ ايندڙ سال مون سون جي نقصانن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ تياري ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلي واري وزارت، منصوبابندي ۽ اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان گڏجي موسمياتي تبديلي بابت منصوبا تيار ڪن۔

هن پاڻي جي بهتر انتظامن بابت قومي سطح تي منصوبا تيار ڪرڻ لاءِ نيشنل واٽر ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جي تياري ڪرڻ جي بہ هدايت ڪئي،

وزيراعظم ھدايت ڪئي تہ پيش ڪيل مختصر مدي وارا منصوبا فوري طور عملدرآمد شروع ڪيو وڃي.

هن چيو تہ پاڪستان هڪ پٺ تي پيل ملڪ آھي، هر ٽئين سال موسمياتي تبديلي جي اثرن تي جي ڊي پي جو وڏو حصو خرچ ڪرڻو پوي ٿو، قيمتي ۽ محدود وسيلا ترقيءَ بدران موسمياتي تبديلين جي نقصانڪار اثرن کان بچاءَ لاءِ استعمال ڪرڻا پون ٿا.

اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيمہ، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطا الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں