سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخوا جي ٻن ضلعن ۾ ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت يافتہ دهشتگرد گروھ “فتنۃ الخوار” جا 24 دھشتگرد مارجي ويا، ٻن ڏينھن ۾ ڪاررواين دوران مجموعي طور تي 37 دھشتگرد مارجي چڪا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب 16 ۽ 17 نومبر تي ڳجھي اطلاع تي باجوڙ ۽ بنوں ۾ دهشتگردي خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪيون ويون، ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 23 دھشتگرد مارجي ويا.
پڌرائي موجب باجوڙ ۾ ڳجھي اطلاع تي فورسز ڪارروائي ڪندي دھشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنھن ۾ڪمانڊرسجاد عرف ابوذر سميت 11 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب بنون ۾ ڪارروائي دوران وڌيڪ 12 خارجي دھشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي ار موجب 15 ۽ 16 نومبر تي سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ضلعن ۾ ڪاررواين دوران فتنہ الخوارج جا 15 دھشتگرد مارجي ويا ھئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي دوران 10 دھشتگرد مارجي ويا، جڏھن تہ اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران 5 دھشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويلن ۾ دھشتگردن جو ڪمانڊر عالم محمود بہ شامل آھي، دھشتگردن وٽان ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ آيو آھي.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير ۽ ٻين دھشتگردن خلاف ڪامياب ڪارورائي تي فورسز جي واکاڻ ڪئي آھي…