ڪي پي ۾ فورسز جون ڌار ڌار ڪارروايون، 15 دھشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ 15 دھشتگرد مارجي ويا آھن.

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي دوران 10 دھشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران 5 دھشتگرد ماريا ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويلن ۾ دھشتگردن جو ڪمانڊر عالم محمود بہ شامل آھي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ مارجي ويل دھشتگردن وٽان ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ آيو آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں