آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل راٺوڙ حلف کڻي ورتو

فہرستِ مضامین

مظفرآباد : آزاد جمون، ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آھي.

حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جتي آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ کي حلف کڻايو، حلف برداري تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بہ  شرڪت ڪئي.

گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه، خيبر پختونخواهہ جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، فريال ٽالپر ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت اعليٰ سول قيادت ۽ عسڪري اختيارين بہ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي 16هين وزيراعظم فيصل راٺوڙ چيو تہ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان  جن مون کي هي ذميواري ڏني، ڏکئي وقت ۾ اها ذميواري نڀائڻ آسان نہ آهي

ھن چيو تہ آزاد ڪشمير جي عوام جي اميدن تي پورو لهندس، پيپلز پارٽي عوام سان ٻيهر رشتو جوڙڻ جي ذميواري کنئي آهي، هن چيو تہ پاڪ آرمي کي بہ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪا قربانيون ڏئي اسان جو دفاع ڪري رھي آهي.

واضح رھي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ چوڌري انوارالحق خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ تي فيصل ممتاز راٺوڙ آزاد ڪشمير جووزيراعظم چونڊيو ويو ھو، آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ ووٽنگ جي دوران 36 ميمبرن فيصل ممتاز جي حق ۾ جڏھن تہ 2 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي جو فيصل ممتاز راٺوڙ آزاد ڪشمير جو 16 ھون ۽ موجودہ اسيمبلي جو چوٿون وزيراعظم چونڊيو ويو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں