ڪراچي: ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آھي تہ پيپلز پارٽي مڪاني نظام بابت بل تي ڳالھيون نہ ڪيون تہ 18ھين ترميم ختم ٿيندي ۽ سنڌ ۾ صوبو بہ ٺھندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو تہ ايندڙ مھينن ۾ مڪاني نظام بابت ترميم ايندي ۽ منظور بہ ٿيندي.
مصطفيٰ ڪمال پيپلز پارٽي کي مقامي حڪومتن جي معاملي تي ڳالھين جي دعوت ڏيندي چيو تہ جھڙي طرح 18ھين ترميم جو ڪريڊٽ کڻن ٿا ايئن مڪاني نظام بابت ترميم جو ڪريڊٽ بہ کڻو.
ھن چيو تہ پيپلز پارٽي 27 ترميم ۾ ان بل کي شامل ڪرڻ لاءِ تيار نہ ھئي، حڪومت چيو تہ ھن بل کي ايندڙ ترميم ۾ لازمي ڏسنداسين.
صحت واري وزير چيو تہ ڪراچي کير ڏيندڙ ڳئون آھي، چارو نہ ملندو تہ ڪيئن ھلندي، اوھان اين ايف سي ايوارڊ تہ وٺو ٿا پر پي ايف سي تہ آھي ئي نہ.
مصطفيٰ ڪمال چيو تہ پيپلز پارٽي مڪاني نظام بابت بل تي ڳالھيون نہ ڪيون تہ 18ھين ترميم بہ ختم ٿيندي ۽ سنڌ ۾ صوبو بہ ٺھندو….