ڍاڪا : بنگلاديش جي عدالت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينہ واجد کي انسانيت خلاف ڏوھہ ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.
بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل 1 اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينہ ۽ ان جي ٻن اعليٰ عھديدار ساٿين خلاف گذريل سال جولاءِ جي بغاوت دوران انسانيت خلاف ڏوھ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
ڪيس ۾ اڳوڻي گھرو وزير اسد الزمان خان ڪمال ۽ اڳوڻي انسپيڪٽر جنرل پوليس چوڌري عبداللھ المامون کي بہ شريڪ جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي.
جسٽس محمد غلام مرتضيٰ جي سربراني ۾ 3 رڪني بينچ 453 صفحن تي ٻڌل فيصلو ٻڌايو.
تشدد تي ڀڙڪائڻ ۽ قتل جي حڪم ۾ شيخ حسينہ کي عمرقيد ۽ ٻين 3 الزامن تحت موت جي سزا ٻڌائي وئي.
شيخ حسينہ خلاف عدالتي فيصلي وقت ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا نتظام سخت ڪيا ويا ھئا ۽ عدالتي فيصلي وقت شيخ حسينہ واجد جي گھر ٻاھران مظاھرين پاران احتجاج يو ويو.
بنگلاديشي عدالت فيصلي ۾ چيو آهي تہ ليڪ ٿيل فون ڪال موجب حسينہ واجد مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي قتل ڪرڻ جا حڪم ڏنا، شيخ حسينہ واجد شاگردن جا مطالبا ٻڌڻ بدران فساد کي هوا ڏني ۽ شاگردن جي تحريڪ کي طاقت ذريعي دٻائڻ لاءِ توھين آميز قدم کنيا، شيخ حسينہ واجد کي 6 ماڻهن کي ساڙڻ جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔
عدالت بنگلاديش جي اڳوڻي گھرو وزير اسد الزماں ڪمال کي بہ موت جي سزا ٻڌائي، عدالت موجب حسينہ واجد ۽ اڳوڻو گھرو وزير اسد الزماں ڪمال اڃا تائين روپوش آهن، ڪيترن ئي نوٽِسن باوجود سندن پيش نہ ٿيڻ سندن ڏوھ جو اعتراف آھي، رڳو المامون واحد ملزم هو جيڪو عدالت ۾ موجود هو، جن جولاءِ ۾ ٻڌڻي دوران ڏوھ جو اعتراف بہ ڪيو.