آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب، فيصل ممتاز نئون وزيراعظم چونڊجي ويو

فہرستِ مضامین

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي آھي.

اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي.

فيصل ممتاز راٺور آزاد ڪشمير جا 16 ھون وزيراعظم هوندو، آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جو حلف برداري سڀاڻي ٿيڻ جو امڪان آھي.

بي اعتمادي رٿ سردار جاويد ايوب ۽ چوڌري قاسم مجيد ٻين ميمبرن سان گڏ پيش ڪئي، جڏھن تہ جڏھن تہ بي اعتمادي رٿ ۾ متبادل وزيراعظم لاءِ فيصل ممتاز راٺوڙ جو نالو پيش ڪيو ويو.

ووٽنگ دوران راجا فيصل ممتاز راٺور کي 36 ووٽ مليا، جڏھن تہ مخالفت ۾ صرف 2 ووٽ پيا۔

بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي لاءِ سادي اڪثريت يعني 27 ووٽ گھربل ھئا، ياد رھي تہ چوڌري انوار الحق اپريل 2023 ۾ 48 ووٽ وٺي وزيراعظم چونڊيو ھو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں