جنگ مڙھيندڙن کي ساڳي ريت جواب ڏبو جيئن مئي ۾ ڏنو ھو: فيلڊ مارشل

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي تہ پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، پر جنگ مڙھيندڙن کي ساڳي طرح جواب ڏنو ويندو جيئن مئي ۾ ڏنو ويو هو، ڀارت خلاف جنگ ۾ الله پاڪ پاڪستان کي سوڀارو ڪيو آهي۔

ايونِ صدر ۾ اردن جي بادشاهہ عبدالله ثاني جي اعزاز ۾ مان ۾ آجياڻي ۽ کيس نشان امتياز جو اعزاز ڏيڻ واري تقريب دوران گفتگو ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ مسلمان جڏھن اللھ تي يقين ڪندا آھن تہ اللھ دشمن مٿان اڇلايل مٽي کي بہ ميزائل بڻائي ڇڏيندو آهي۔

هن چيو ته الله جي حڪم ۽ فرمان موجب پنهنجا فرض نڀائيندو آهيان، الله جو خاص ڪرَم آهي، جو پاڪستان پنهنجن دشمنن کي شڪست ڏني. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ هي فوج الله جي فوج آهي، اسان جا سپاهي الله جي نالي تي وڙھن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں