پي ٽي آءِ باني فيصلا ماهرن کان نہ پر بشريٰ بي بي کان پڇي ڪندو هو: عطا اللھ تارڙ

فہرستِ مضامین

لاھو: اطلاعات واري وزير برطانوي ميگزين جي رپورٽ تي ردعمل ٿيندي چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني فيصلا ماهرن کان نہ پر بشريٰ بي بي کان پڇي ڪندو هو.

لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو تہ پي ٽي آءِ باني جي سياست، منافقت، ڪوڙو ۽ الزامن کان سواءِ ڪجهه نہ هئي، ڪوڙن الزامن جي بنياد تي سياست ڪئي وئي.

ھن چيو تہ پي ٽي آءِ باني، شهباز شريف تي ڪوڙو الزام مڙھيو هو، پرڏيھ  ۾ ويٺل شخص کي لنڊن جي عدالت بہ ڪوڙو قرار ڏنو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو تہ برطانوي مئگزين اسٽوري ڇاپي تہ  پي ٽي آءِ باني جي گهرواري سرڪاري فيصلن تي اثرانداز ٿيندي هئي، ڪنهن جي پسند ۽ ناپسند سان فيصلا نہ ٿيندا، ملڪ آئين ۽ قانون تحت هلي رھيو آهي.

ھن چيو تہ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي، وانا ڪيڊٽ ڪاليج جو سانحو اي پي ايس کان وڏو ٿي پئي سگهيو، وانا ۾ پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري پنج سئو کان وڌيڪ شاگردن کي بازياب ڪرايو………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں