اسلام آباد : جسٽس امين الدين وفاقي آئيني عدالت جي پھرين چيف جسٽس جي عھدي جو حلف کڻي ورتو آھي، صدر آصف علي زرداري جسٽس امين الدين خان کي عھدي جو حلف کڻايو.
ايوان صدر ۾ ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم شھباز شريف، وفاقي وزيرن، پارليامينيٽ جي ميمبرن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري ۽ ٻين شرڪت ڪئي
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت پاڪ بحريہ ۽ فضائيہ جا سربراھ بہ تقريب ۾ شريڪ ھئا، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، سينيٽ چيئرمين ۽ اٽارني جنرل سميت ٻين شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس امين الدين اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي روم نمبر ھڪ ۾ ويھندو، جڏھن تہ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ڪورٽ روم نمبر 2 ۾ منتقل ٿيندو.
ياد رھي تہ آئيني عدالت جو چيف جسٽس، آئيني عدالت جي وڌيڪ 6 نون ججز کي حلف کڻائيندو، جن جون تياريون جاري آھن…..