اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو تہ افغانستان دھشتگردي ۽ ڀارت افغانستان جي پٺڀرائي ڪري رھيا آھن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي خواجہ آصف چيو تہ ڪجھ ڏينھن پھريان جي حملي ۾ بہ افغان شھري ملوث ھئا ۽ ھاڻي اسلام آباد ڌماڪي ۾ بہ افغان شھري ملوث نڪتا آھن.
ھن چيو تہ اسان ڪيترائي ڀيرا افغانستان کي ٻڌايو آھي پر ڪابل ذميواري جو مظاھرو نٿو ڪري، افغانستان دھشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي ۽ ڀارت افغانستان پٺڀرائي ڪري رھيو آھي.
خواجہ آصف جو چوڻ ھو تہ اسان جنگ بہ کٽي ۽ دھشتگردي خلاف جنگ بہ کٽنداسين، دھشتگردي ۾ ملوث عنصرن جو آخر تائين پيڇو ڪنداسين. ………