اسلام آباد  ڌماڪو: حملي آور کي کڻي ايندڙ موٽرسائيڪل رائيڊر گرفتار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد جي عدالت ٻاھران آپگھاتي ڌماڪي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آھي، پوليس حملي آور جي عدالت ٻاھران پھچڻ جي تفصيلن جو پتو لڳائي ورتو آھي.

پوليس ذريعن موجب حملي آور 200 رپين ۾ عدالت تائين پھتو، حملي آور کي عدالت تائين آڻيندڙ شخص کي پوليس حراست ۾ ورتو آھي.

پوليس موجب حملي آور گولڙہ موڙ کان جي اليون عدالت تائين موٽرسائيڪل تي پھتو، موٽرسائيڪل وارو آن لائن بائيڪ سروس جو رائيڊر ھو، جنھن 200 رپين ۾ حملي آور کي پھچايو.

پوليس موجب سيف سٽي ڪئمرائن ذريعي جاچ ڪئي پئي وڃي تہ حملي آور گولڙہ تائين ڪئين پھتو.

گذريل ڏينھن اسلام آباد جي ضلعي عدالت ٻاھران آپگھاتي ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا شھيد ۽ 30 ماڻھو زخمي ٿيا ھئا، واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آھي………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں