ڪنھن جو پيءُ بہ 18ھين ترميم کي ختم نٿو ڪري سگھي: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ ڪنهن جو پيءُ بہ 18هين ترميم ختم نٿو ڪري سگهي، آئيني ترميم جي منظوري اڪثريت سان نہ پر اتفاقِ راءِ سان ٿيندي آهي، فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏنو پيو وڃي۔

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ آئيني ترميم آڻڻ لاءِ اڪثريت موجود آهي، ڪنهن جو پيءُ بہ 18هين ترميم ختم نٿو ڪري سگهي۔

هن چيو تہ آئيني ترميم جي منظوري اڪثريت سان نہ پر اتفاقِ راءِ سان ٿيندي آهي، 26هين آئيني ترميم بہ اتفاقِ راءِ سان منظور ڪرائي وئي هئي ۽ 18هين ترميم بہ سڀني جماعتن جي اتفاقِ راءِ سان منظور ٿي ھئي، 18هين ترميم وسيلي صوبن کي حق ڏنا ويا، ميثاقِ جمهوريت ۾ ڪيل واعدا پورا ڪري رھيا آھن .

ھن چيو تہ پاڪستان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، فيلڊ مارشل جي ڪارڪردگي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏئي رھيا آھيون

چيئرمين پيپلز پارٽي چيو تہ دهشتگردي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رھي آھي، دهشتگردي ۽ ملڪ دشمنن خلاف سڀني کي گڏ ٿيڻ لازمي آهي، قوم فتنہ الخواج جي خلاف متحد آهي۔

بلاول ڀٽو زرداري دھشتگردي جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي چيو تہ ھنن اڳ بہ دھشتگردي جو گڏجي مقابلو ڪيو، قربانيون دھشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڳتي بہ ڏينداسين.

هن چيو تہ اپوزيشن جو ڪم رڳو اهو ناهي تہ پنهنجي ليڊر لاءِ روئڻ روئي، اپوزيشن جو ڪم آهي تہ حڪومت تي نظر رکي، اپوزيشن کي قانونسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي۔

هن چيو تہ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي افتخار چوڌري جا سوموٽوز ڀوڳيا، اڄ ماضي جي غلطين کي درست ڪري رھيا آهيون، 27هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻ ڪو بہ پاڻمرادو نوٽيس نہ ٿيندو.

بلاول ڀٽو چيو تہ تجويزون مڃڻ تي حڪومت جا ٿورائتا آھيون، 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪندڙ بہ مڃيندا تہ اھا هڪ وڏي ڪاميابي آهي۔

بلاول ڀٽو چيو تہ آئيني عدالت ۾ سڀني صوبن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي ٿيندي.

بلاول ڀٽو جي تقرير دوران اپوزيشن طرفان شديد نعريبازي ڪئي وئي…………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں