قومي اسيمبلي جو اجلاس، 27ھين آئيني ترميم جو بل پيش، اپوزيشن جو احتجاج

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ 27ھين آئيني ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو.

اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ھيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آھي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 27ھين آئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، ان موقعي تي اپوزيشن پاران سخت احتجاج ۽ گوڙ ڪيو پيو وڃي.

قانون واري وزير چيو تہ 27ھين آئيني ترميم بل سينيٽ مان 2 ڀاڱي اڪثريت سان منظور ٿيو،پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ اپوزيشن کي ويھڻ گھرجي ھا.

اعظم نذير تارڙجو چوڻ ھو تہ سموري دنيا ۾ آئيني معاملن لاءِ آئيني عدالتون ھونديون آھن ، ٻين ملڪن ۾ ججز جون مقريون جوڊيشل ڪميشن ذريعي ڪيون وينديون آھن، ميثاق جمھوريت ۾ بہ آئيني نظام جو بنيادي نقطو شامل ھو.

اعظم نذير چيو تہ پاڻمرادو نوٽيس ذريعي ملڪ جي معاشي نظام کي ڪمزور ڪيو ويو، ڪٿان کان شروع ڪيون؟ ڇا چونڊيل وزيراعظم کي گھر موڪلڻ کان شروع ڪيون

وفاقي وزير چيو تہ اداڪارن جو ڪيس ھجي، ڪسٽم سامان تي بہ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو ھو، بل ۾ پاڻمرادو جو اختيار ختم ڪيو ويو آھي ۽ ھڪ طريقيار واضح ڪيو ويو آھي …..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں