وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي عدالت ٻاھران آپگھاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو تہ ھو اسلام آباد ضلعي عدالت ٻاھران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنہ الخوارج جي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.
شهباز شريف چيو تہ ھن سميت سڄي قوم جون همدرديون شهيدن جي وارثن سان آهن، زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آھي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ زخمين کي بھتر طبي سھولتون ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
وزيراعظم چيو تہ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم دھشتگردن جا پاڪستان جي ھٿين خالي شھرين کي حملا مذمت جوڳا آھن، واقعي جي جاچ جي ھدايت ڪئي آھي ۽ ذميوارن کي انجام تائين پھچايو ويندو.
ھن جو چوڻ ھو تہ افغانستان مان ڪارروائي ڪندي فتنہ الخوارج وانا ۾ معصوم ٻارن تي بہ حملو ڪيو، ڀارتي پٺڀرائي ۽ افغان سرزمين تان جاري حملن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي، ھٿين خالي ۽ معصوم شھرين جو خون رائيگان نہ ٿيندو.