اسلام آباد جي جي اليون سيڪٽر ۾ عدالت ويجھو آپگھاتي ڌماڪي ۾ 12ڄڻا شھيد ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿيا آھن.
اسلام آباد ۾ تقريبن ۾ ساڍي 12 ھين وڳي جي اليون سيڪٽر جي عدالت ٻاھران زوردار ڌماڪو ٿيو، جنھن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.
پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار آپگھاتي حملي آور پوليس گاڏي ويجھو پھتو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي سبب ويجھو بيٺل گاڏين کي باھ لڳي وئي.
پوليس موجب ڌماڪي ۾ 3 گاڏين کي نقصان پھتو، جن ۾ ھڪ گاڏي پوليس جي ھئي ۽ 2 خانگي گاڏيون آھن.
پوليس جو چوڻ آھي تہ ڌماڪو آپگھاتي ھو ، نتيجي ۾ 12 ڄڻا شھيد ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا، زخمين ۾ وڪيل ۽ سائيلن بہ شامل آھن.
زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ۽ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي، جڏھن تہ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري ھنڌ سيل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي .
پوليس موجب عدالت ٻاھران ڌماڪي ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم فتنہ الخوارج ملوث آھن…