وانا : دھشتگردن ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملو ڪندي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائيندي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 خارجي مارجي ويا ۽ 3 خارجي ڪاليج ۾ داخل ٿيا جيڪي گھيري ھيٺ آھن.
آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ۾ واقع ڪيڊٽ ڪاليج تي دھشتگردن بزدلاڻو حملو ڪيو، ڀارتي حمايت ۾ سرگرم دھشتگردن ڪاليج جي ٻاھرين سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو
آءِ ايس پي آر موجب حملي آورن مک گيٽ سان ڀارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي جنھن جي نتيجي ۾ مک دروازي ۽ ويجھي انفرااسٽرڪچر کي نقصان پھتو
فورسز پيشوراڻي مھارت ۽ بھادري جو مظاھرو ڪندي اندر داخل ٿيندڙ حملي آورن کي اثرائتو جواب ڏنو، آپريشن دوران 2 خارجي مارجي ويا، جڏھن تہ 3 خارجي ڪاليج جي انتظامي بلاڪ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا جن خلاف ڪليئرنس آپريشن جاري آھي.