پاڪستان ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان کٽي ورتي آھي.
فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان 144 رنس جو ھدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 25 ھين اوور ۾ حاصل ڪيو.
پاڪستان پاران صائم ايوب 77 رنز ٺاھي اڳڀرو رھي، بابر اعظم 27، محمد رضوان 32 ۽ آغا سلمان 5 رنس ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيا.
ان کان اڳ پھرين ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 37 ھين اوور ۾ 143 رنس ٺاھي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان پاران ابرار احمد چار، شاھين شاھ آفريدي، محمد آفريدي ۽ سلمان علي آغا 2-2 وڪيٽون ورتيون……