وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب، 27 ھين ترميم جي مسودي جي منظوري جو امڪان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: 27ھين آئيني ترميم جي منظوري وارو معاملو، وزيراعظم شھباز شريف سڀاڻي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو آھي.

ذريعن موجب وزيراعظم شھباز شريف باڪو مان ويڊيو لنڪ ذريعي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندو .

ذريعن جو چوڻ آھي تہ وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جون آئيني ترميم جي حوالي سان تجويزون قبول ڪري ورتيون آھن، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 27ھين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني ويندي.

ٻئي پاسي مخالف ڌر 27 ھين ترميم جو مسودو رد ڪري چڪي آھي. سينيٽ جي مخالف ڌر جماعتن پنھنجي اجلاس بعد گڏيل پڌرائي ۾ چيو آھي تہ حڪمران مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ اتحادي جماعتون قانونسازي کي بلڊوز ڪري رھيون آھن، آئيني ترميم جو مسودو اپوزيشن کان لڪايو پيو وڃي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں