مولانا فضل الرحمان صوبن جي اختيارن ۾ گھٽتائي جي مخالفت ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : مولانا فضل الرحمان چيو تہ آئيني ترميم جو ھيل تائين مسودو سامھون ناھي آيو، آرٽيڪل 243 سان جمھوريت تي اثر پيو تہ قبول نہ ڪنداسين

پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراھ چيو تہ 26 ترميم مان جيڪي نقطا ختم ڪيا ويا ھئا، اھي 27 ترميم ۾ شامل ڪيا ويا تہ قبول نہ ڪنداسين، صوبن جي اختيارن ۾ گھٽتائي جي مخالفت ڪنداسين.

فضل الرحمان چيو تہ سندن پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر شامل شريڪ، ترميم جو مسودو اڃا تائين منظر تي ناھي آيو.

جي يو آءِ سربراهہ چيو تہ 26هين آئيني ترميم دوران حڪومت 35 شقن تان کنيو ھو، جيڪڏھن انھن مان ڪا شق 27هين ترميم ۾ منظور ڪئي وئي تہ اها آئيني توھين سمجهي ويندي.

مولانا فضل الرحمان چيو تہ 26هين ترميم ۾ رد ڪيل نقطا 27 ھين ترميم ۾ قبول نہ ڪيا ويندا، جيڪڏھن صوبي جي اختيارات ۾ ڪا گهٽتائي ڪئي وئي تہ مخالفت ڪنداسين.

هن واضح ڪيو تہ 18هين ترميم تحت صوبن کي ڏنل اختيارن ۾ گهٽتائي جي ڪوشش قبول نہ آهي، جي يو آءِ صوبن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي حمايت ڪري ٿي ۽ صوبن جي حق ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، گهٽتائي نہ.

فضل الرحمان چيہ ته آرٽيڪل 243 سان بابت ڪا بہ اهڙي ڪوشش جيڪا جمهوريت تي اثرانداز ٿئي اھا قبول نہ آھي.

هن چيو تہ 26هين ترميم دوران سڀ پارليامينٽ ممبر هڪٻئي سان رابطي ۾ هئا ۽ ڪيترائي نقطا  پنهنجي مرضي موجب 26هين ترميم ۾ شامل ڪرايا ويا.

هن چيو تہ وياج جي حوالي سان حڪومت پاران ڪا اڳڀرائي نظر نہ پئي اچي، ديني مدرسن جي رجسٽريشن پڻ نہ ٿي رھي آهي، ديني مدرسن کي تعليم واري وزارت تحت رجسٽرڊ ڪرائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں