ھيڪرز پارليامينٽ جي ميمبرن کي ھدف بڻائي ورتو، آن لائن لکين رپين جو فراڊ ڪرڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي تہ چار سينيٽرز آن لائين فراڊ جو شڪار بڻيا آهن، آن لائين ھيڪرز پارليامينٽ جي مختلف ميمبرن کي جعلي ڪالز ذريعي لکين رپين جو چونو لڳايو آھي.

اجلاس ۾ ٻڌايو تہ سينيٽر بلال خان مندوخيل، سيف الله ابڙو، دلاور خان ۽ فلڪ ناز چترالي سان لکين رپين جو فراڊ ٿيو آھي.

سينيٽر فيصل سليم رحماني جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ سينٽرز ٻڌايو تہ کين فراڊين جي ڪالون آيون، ھيڪر پارليامينٽ ميمبرن جي مڪمل ڊيٽا ڄاڻائي 5 کان 8 لک رپين تائين ڦرلٽ ڪري رھيا آهن۔

سينيٽر سيف اللھ ابڙو ٻڌايو تہ ھيڪرز جو ھڪ گروھ سينيٽرز کي فون ڪري مڪمل ذاتي معلومات ٻڌائي ٿو ۽ پنج کان ساڍا 5 لک رپين تائين رقم طلب ڪري ٿو، گروھ انتھائي منظم انداز ۾ فراڊ ڪري ڪري رھيو آھي.

سينيٽر فلڪ ناز چترالي ٻڌايو تہ فيصل نالي شخص “ڪونسلنگ سينٽر ” ٺاهڻ جي نالي تي کائنس ٻن قسطن ۾ پنج لک رپيا ورتا، ھنن انڪشاف ڪيو تہ ھيڪرز وٽ گھر ڀاتين بابت مڪمل ڄاڻ موجود ھئي، جڏھن تہ سينيٽر دلاور خان سان ھيڪرن ساڍا اٺ لک رپين جو فراڊ ڪيو ويو.

اجلاس ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي ڪرپشن ۽ ڊيٽا وڪرو ڪرڻ وارن معاملن تي بہ غور ڪيو ويو

ڊي جي سيد خرم علي ٻڌايو تہ اداري کي بهتر ڪرڻ لاءِ نئين عملي جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي ۽ مڪمل سڌارا آڻڻ ۾ 6 مهينا لڳندا۔

سينيٽر شهادت اعواڻ چيو تہ ( اين سي سي آءِ اي) ۾ پراسڪيوشن جي کوٽ آهي، ڪيس تہ داخل ٿين ٿا پر اڳتي ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں