دادو: ميھڙ جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جنرل اليڪشن 2024 دوران ميھڙ ڊگري ڪاليج ۾ بيلٽ پيپر ۽ سامان تي مقرر ڪيل فورسز جي جوانن مٿان حملي واري ڪيس ۾ پ پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، اڳوڻي ايم اين اي عمران ظفر لغاري، ٽائون ڪاميٽي سيتا جي چيئرمين قمبر خان لغاري سميت 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آھي.
عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پ پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، اڳوڻو ايم اين اي عمران لغاري، قمبر خان لغاري ۽ ٻيا نامزد ڪيل جوابدار پيش ٿيا .
ميھڙ جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اعجاز علي شاھ جي عدالت ڪيس خارج ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، عدالت ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جنرل اليڪشن دوران ٿيو ڇا ھو؟ ڪيس جو پسمنظر
ياد رھي تہ گذريل جنرل اليڪشن کانپوء ميھڙ جي ڊگري ڪاليج ۾ بيلٽ پيپر ۽ ٻئي سامان تي مقرر ڪيل سرڪاري اھلڪارن مٿان حملو ۽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو ھو، سرڪار جي مدعيت ۾ ميھڙ ٿاڻي تي پ پ پ جي چونڊيل ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، اڳوڻي ايم اين اي عمران ظفر لغاري ۽ سيتا روڊ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين قمبر لغاري سميت 200 ڄڻن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو
پ پ پ جو چونڊيل ايم اين اي عرفان ظفر لغاري ۽ ٽائون ڪاميٽي سيتا روڊ جو چيئرمين رئيس قمبر لغاري ضمانت تي آزاد ھئا.
دھشتگردي جي عدالت پاران دھشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس ميھڙ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جي عدالت منتقل ڪيو .
ميھڙ جي عدالت ڪيس جو اڄ فيصلو ٻڌائيندي سمورن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي.