سنڌ حڪومت ڪيٽي بندر ۽ شاھبندر ۾ مني فش ھاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تہ منصوبي جو مقصد ساحلي معيشت کي ھٿي وٺرائڻ ۽ ننڍن ماھيگرن کي سھولت ڏيڻ آھي، نيون بندرگاھون ڪراچي فش ھاربر تان دٻاءُ گھٽ ڪنديون ۽ برآمدي معيار بھتر ٿيندو.
وڏي وزير مراد علي شاھ سان صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ملاقات ڪئي، ، سيڪريٽري بريفنگ ڏني.
شاهه بندر تي تجويز ڪيل بندرگاهه ۾ ٻيڙين لاءِ برٿنگ ايريا، ڪولڊ اسٽوريج، فيولنگ ۽ مرمت جون سهولتون شامل هونديون.
وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ ڪيٽي بندر ۽ شاھبندر ماضي ۾ اھم قدرتي بندرگاھون رھيون آھن، پھرين مرحلي ۾ مني فش ھاربر ۽ ٻئين مرحلي ۾ مڪمل بندرگاھون قائم ٿينديون.