خيبر پختونخوا اسيمبليءَ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ميمبر سهيل آفريدي کي نئون وزيراعليٰ چونڊي ڇڏيو آهي. مخالف ڌر اسيمبلي جي ڪارروائي کي “غير آئيني” قرار ڏيندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.
خيبر پختونخوا اسيمبليءَ جي اسپيڪر موجب، سهيل آفريدي کي 145 رڪني ايوان مان 90 ووٽ مليا. ٻئي طرف اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله وزيراعليٰ جي چونڊ کي “غير آئيني” قرار ڏيندي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ياد رهي ته نئين وڏي وزير جي چونڊ اهڙي وقت ۾ عمل ۾ آئي آهي، جڏهن خيبر پختونخوا جو گورنر، فيصل ڪريم ڪنڊي، اسيمبلي جي اجلاس کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ تي اعتراض ڪندي ان کي منظور نه ڪيو.
قانوني ماهرن به ان معاملي تي مختلف رايا ڏنا آهن. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور پاڻ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري پنهنجي استعيفيٰ جي تصديق ڪئي، تنهن ڪري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ واري مطالبي جي ڪا اهميت ناهي، جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ آهي ته گورنر وٽ اهو اختيار آهي ته هو وزيراعليٰ کي گھرائي ۽ استعيفيٰ جي تصديق ڪري.
علي امين گنڊاپور کي 15 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ گورنر ھائوس پھچڻ جي ھدايت
گورنر خيبر پختونخوا آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پنهنجي ‘ايڪس’ هينڊل تي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي لکيل اهو خط شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن ٻنهي موڪليل استعيفائن کي رد ڪندي، علي امين گنڊاپور کي ذاتي حيثيت ۾ 15 آڪٽوبر تي استعيفيٰ جي تصديق لاءِ گورنر هائوس اچڻ جي هدايت ڪئي ۔
خط ۾ گورنر چيو ته ’اٺ ۽ 11 آڪٽوبر تي گورنر هائوس موڪليل مبينا استعيفائن تي ٿيل صحيحون شڪي آھن، مطلب ھڪجھڙائي نٿيون رکن.
گورنر خيبر پختونخوا خط ۾ وڌيڪ لکيو ته ’هو هن وقت شهر ۾ موجود نه آهي ۽ 15 آڪٽوبر تي واپس ايندو، تنهنڪري وزيراعليٰ گنڊاپور کي اربع ڏينهن منجهند ٽي وڳي گورنر هائوس اچي، انهن مبينا استعيفائن ۽ انهن تي ٿيل پنهنجي صحيحن جي تصديق ڪرڻي پوندي۔
نيٺ گورنر کي استعيفائون ملي ويون، صحيحون درست آھن
گورنر جي ’ايڪس‘ پوسٽ تي ردعمل ڏيندي، علي امين گنڊاپور لکيو ته:’آخرڪار گورنر خيبر پختونخوا کي منهنجون ٻئي استعيفائون ملي ويون آهن۔ مان تصديق ڪريان ٿو ته انهن ٻنهي استعيفائن تي صحيحون منھنجيون ٿيل آھن.
خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي، علي امين گنڊاپور چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي مذاق بڻايو پيو وڃي، هو پنهنجي استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪلي چڪو آهي ۽ هاڻي هر معاملي تي پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ بيهندو۔

گورنر حلف جي واضح ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي
پاڪستان تحريڪ انصاف، گورنر خيبر پختونخوا پاران وزيراعليٰ جي استعيفيٰ تي اعتراض ڪرڻ واري معاملي تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي۔
پارٽي اڳواڻ نعيم اختر پنجوٿا پنهنجي ’ايڪس‘ پوسٽ ۾ لکيو ته فيصل ڪنڊي علي امين جي استعيفيٰ رد ڪري پنهنجي حلف جي واضح ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ آئين جي تقدس کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، تنهن ڪري کيس فوري طور هٽايو وڃي۔
هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 102، جيڪو ٽئين شيڊيول سان گڏ پڙهيو وڃي ٿو، تحت گورنر پابند آهي ته هو آئين موجب ڪم ڪري۔
نعيم اختر جو چوڻ هو ته وزيراعليٰ لکت ۾ استعيفيٰ ڏني ۽ سندس وڊيو بيان به موجود آهي، جنهن ۾ هو استعيفيٰ جو اعلان ڪري رهيو آهي۔ ’پهريون ڀيرو استعيفيٰ نه ملڻ جو عذر ڏنو ويو، تنهنڪري علي امين گنڊاپور ٻيهر استعيفيٰ موڪلي ته جيئن ڪو به بهانو باقي نه رهي۔‘

قانوني ماھر ڇا ٿا چون؟
آئين پاڪستان جو آرٽيڪل (8)130 وزيراعليٰ جي استعيفيٰ سان لاڳاپيل آهي، جنهن تحت وزيراعليٰ پابند آهن ته هو پنهنجي استعيفيٰ لکت ۾ گورنر ڏانهن موڪليندو۔
قانون موجب، استعيفيٰ ڏيڻ بعد به، اڳوڻو وزيراعليٰ پنهنجو جانشين چونڊجڻ تائين پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو رهندو، ڀلي هو ٽيڪنيڪي طور استعيفيٰ ڏئي چڪو هجي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن گورنر استعيفيٰ قبول نٿو ڪري ۽ ان ئي دوران نئون وزيراعليٰ چونڊيو وڃي، ته مستقبل ۾ هي معاملو سنگين رخ اختيار ڪري سگهي ٿو۔
آئين ۽ قانوني موقف بابت ماهرن جا خيال
اڳوڻو اٽارنر جنرل آف پاڪستان اختر اوصاف موجب آئين ۾ اهڙي ڪنهن منظوري جو تصور نه آهي ته وزيراعليٰ، وزيراعظم يا اٽارني جنرل جي استعيفيٰ منظور ڪئي وڃي، آرٽيڪل (8)130 ۾ صرف اها ڳالهه آهي ته استعيفيٰ تي صحيحون ٿيل هجن.
علي امين گنڊاپور استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ نئين وزيراعليٰ جي چونڊ ۾ ووٽ به ڏنو، تنهن ڪري هاڻ ڪا به ٻڏتر واري صورتحال نہ رھي. جيڪو اِن عمل کي غير آئيني ٿو سمجھي، ٿي سگھي ٿو اُن آئين نہ پڙھيو ھجي.
سپريم ڪورٽ جو به فيصلو آهي ته آئين جي آرٽيڪل (8)130 تحت جڏهن استعيفيٰ گورنر کي موڪلي وڃي ۽ ان جي تصديق ٿي وڃي ته ڪافي آھي ، ان لاءِ ڪا به رسمي منظوري، نوٽيفڪيشن يا وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت نه آهي.
وڏي وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، آئين جي آرٽيڪل 130 جي شق 8 تحت استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ منظور نہ ٿيڻ جو مطلب آھي تہ گورنر وڏي وزير کي زبردستي عھدي تي بحال رکڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.
سينيئر قانوندان ڊاڪٽر خالد رانجھا جو موقف آھي تہ آئين گورنر کي اجازت ڏئي ٿو ته هو مطمئن ٿيڻ بعد استعيفيٰ قبول ڪري، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن جو چيڪ بينڪ ۾ وڃي ۽ صحيح شڪي ھجي ته ماڻهو پاڻ وڃي تصديق ڪري ٿو، هتي ته معاملو وزيراعليٰ جي استعيفيٰ جو آھي، جيڪڏهن گورنر سمجهي ته وزيراعليٰ دٻاءَ هيٺ استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، ته هو کيس ذاتي حيثيت ۾ گهرائي تصديق ڪري سگهي ٿو، “جيستائين استعيفيٰ قبول نه ٿئي، نئين وزيراعليٰ جي چونڊ نٿي ٿي سگهي.