قمبرشھدادڪوٽ پوليس جو ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي منظم گروھن خلاف قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جو سلسلو جاري آھي.
کيرٿر جابلو سلسلي، گڙتل، شاھ گودڙيو، وھنداڻي چانڊيو ۽ باجڪ جبل جي علائقن ۾ آپريشن دوران ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو.
آپريشن ۾ ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا ڊاھي ۽ ساڙي تباهه ڪيا ويا، آپريشن ۾ مختلف علائقن مان 7 شڪي ماڻھو حراست ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب مختلف علائقن جو گهيرو ڪري ڌاڙيلن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ھي آپريشن نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو.
ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو آھي تہ ضلعي مان ڏوهارين جو خاتمو آڻي امن امان کي برقرار رکيو ويندو، ڌاڙيلن جي گرفتارين يا سندن پاڻ کي قانون حوالي ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو.