امير بالاچ ٽيپو قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

فہرستِ مضامین

لاھور: امير بالاچ ٽيپو قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار خواجا تعريف گلشن عرف طيفي بٽ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو.

ذريعن موجب سي ٽي ڊي اھلڪار جوابدار طيفي بٽ کي جاچ لاءِ رحيم يار خان وٺي وڃي رھيا تہ جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو.

طيفي پٽ تي مير بالاچ ۽ ٻيا قتل جا الزام ھئا، جوابدار دبئي فرار ٿي ويو ھو.

جوابدار کي دبئي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ھو، عدالت جوابدار کان پوليس پاڪستان  وڃڻ بابت سوال ڪيو. جنھن تي طيفي بٽ پاڪستان وڃڻ ۽ ڪيسن کي منھن ڏيڻ جو جواب ڏنو، جوابدار جي رضامندي بعد کيس پنجاب پوليس حوالي ڪيو ويو ھو.

گذريل سال 19فيبروري تي جوابدار لاھور جي ٺوڪر نياز بيگ ۾ خانگي سوسائٽي ۾ فائرنگ ڪري ٽيپو ٽرڪان والا جي پٽ مير بالاڇ ٽرڪان کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں