گھوٽڪي ۾ 17 جرڳائي وڏيرن خلاف ڪيس داخل، 4 گرفتار

فہرستِ مضامین

گھوٽڪي جي علائقي دادلغاري ڀرسان عورتن کي ڪارنھن الزام تحت متاثرن مٿان ڏنڊ وجھندڙ 17 جرڳائي وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس چئن وڏيرن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي.

لارو لنڊ ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ جرڳو ڪندڙ تر جي 17 وڏيرن کي نامزد ڪيو ويو.

پوليس ڪارروائي ڪندي مير حسن زبرو ۽ عبداللھ شر سميت چئن وڏيرن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

الزام ھيٺ آيل وڏيرن جرڳا ڪري پنج عورتن مسمات فريدھ شر، ناديھ شر، سخيجان ۽ ٻين کي ڪارنھن الزام ھيٺ گھران ڪڍڻ جي فتويٰ ٻڌائي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں