ٺٽو( رپورٽ: محمد ميمڻ) ٺٽي ۾ صوبائي وزير رياض حسين شاھ شيرازي جي گاڏي تي فائرنگ واقعي ۾ سندس سالي جي ملازمن جي مارجڻ واري واقعي ۾ پوليس گرفتاريون ڪيون آھن.
پوليس موجب گذريل رات واقعو پيش آيو، جنھن ۾ صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جي سالي اظھار شاھ شيرازي جي ملازم راول ملاح مارجي ويو ھو.
ڊي آء جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ٺٽي پهچي شيرازين ۽ ايس ايس پي ٺٽو سان گڏجاڻي ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا.
شيرازي هائوس ٺٽي ۾ ڊي آء جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ايس ايس پي ٺٽو فاروق بجاراڻي سان گڏ پهچي شيرازي گروپ جي اڳواڻ شفقت شاھ شيرازي، صوبائي وزير رياض شيرازي ۽ ٻين کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا.
ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو چيو تہ هي انتهائي افسوسناڪ ۽ بدمعاشي وارو عمل آھي، جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، پاڻ آيو آھيان ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي سگهجي.
ڊي آءِ جي موجب واقعي بعد ڪجھ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن، مک جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن، هٿ نه اچڻ جي صورت ۾ انهن جي وڏن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو.
ڊي آء جي حيدرآباد طارق ڌاريجو چيو تہ جوابدارن کي هر صورت ۾ ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ نوجوانن ۾ وڌندڙ منشيات جي رجحان کي ختم ڪرائڻ لاء ٻيهر وڏي سطح تي حيدرآباد ڊويزن ۾ منشيات خلاف سخت مهم هلائي ويندي.