وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آھي تہ باني جي حڪم تي وڏ وزارت جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي رھيو آھيان.
علي امين گنڊاپور جو چوڻ آھي تہ سھيل آفريدي کي منھنجي مڪمل حمايت ۽ سپورٽ رھندي.
علي امين گنڊاپور چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ پارٽي پاليسي لاءِ ھڪ ٿي اڳتي وڌنداسين.
ان کان اڳ سلمان اڪرم راجا وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ھٽائڻ جي تصديق ڪئي ھئي.
اڊيالا جيل ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي سلمان اڪرم راجا چيو تہ پي ٽي آءِ باني، علي امين گنڊاپور کي ھٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سھيل آفريدي کي ڪي پي جو وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آھي.
سلمان اڪرم راجا چيو تہ باني ڪي پي ۾ فوج تي حملي تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو تہ علي امين گنڊاپور ان صورتحال جو ذميوار آھي، علي امين گنڊاپور کي وڌيڪ ھن عھدي تي رھڻ نہ گھرجي.
سلمان اڪرم راجا چيو تہ باني موجب ڪي پي ۾ صورتحال وڌيڪ بدتر ٿي وئي آھي ۽ اھڙي صورتحال ۾ علي امين گنڊاپور کي عھدي تان ھٽائڻ بھتر آھي.