سکر(رپورٽ: حيدر ميراڻي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل جي ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي سکر ۾ 105، خيرپور ۾ 375 ۽ گھوٽڪي ضلعي ۾ 155 ڪانسٽيبل ڀرتي ڪيا ويا ھئا، انھن ڪانسٽيبلز جو ڪُل انگ 635 ھو.
پوليس ڪانسٽيبلز جي ڀرتين خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون ھيون جن تي عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو آھي.
عدالت ڊي آء جي شيراز عباسي ۽ ٽن ضلعن جي ايس ايس پيز تي ٻڌ ڪميٿي جوڙي نئين سر انٽريو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر پنھنجي فيصلي ۾ سيبا ٽيسٽ برقرار رکي آھي، جڏھن تہ آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کان مهيني اندر انٽريو وٺي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.
عدالت پوليس ڀرتين ۾ بي ضابطگين بعد حڪومت پاران جوڙيل ميرٽ لسٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڀرتين سمورا آرڊر ڪالعدم قرار ڏنا ويا آھن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي ٻڌل آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو جاري ڪيو.
ميرٽ لسٽ ۾ غلطين جو اعتراف
آء جي سنڌ طرفان ڊي آء جي اسٽيبلشمينٽ شيراز عباسي، ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي عدالت ۾ پيش ٿيا، پوليس عملدارن ڀرتين واري ميرٽ لسٽ تي ڇنڊ ڇاڻ بعد غلطين جو اعتراف ڪيو.
عدالت گڏيل درخواستون اڪلائيندي پوليس جي ميرٽ لسٽ ختم ڪندي نئين سر انٽريو ڪري ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پاران سيبا ٽيسٽ پاس سمورن اميدوارن کان مهيني اندر انٽريو ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي