پاڻي ۽ پيسو ن ليگ جو نہ پر ملڪ جو آھي، سنڌو درياھ تي پھريون حق سنڌين جو آھي: سعيد غني

فہرستِ مضامین

پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ اڳواڻن جا ھڪٻئي تي لفظي حملا جاري آھن،  صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تہ پاڻي ۽ پيسو ن ليگ جو نہ پر ملڪ جو آھي، سنڌو درياھ تي پھريون حق سنڌين جو آھي.

صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ   قومي اسيمبلي ۾ معافيون ۽ پنجاب ۾ تنقيد ٿئي پئي،  ن ليگ وارا اسان سان ڳالھائڻ کان اڳ پاڻ ۾ معاملا طئي ڪن تہ کين ڪرڻو ڇا آھي.

 وفاقي حڪومت کي قانونسازي ۾ اسان جي ضرورت پوندي، اھڙي صورتحال ڇو پيدا ڪئي پئي وڃي تہ جئين پيپلزپارٽي وفاق کان ناراض ٿي وڃي.

سعيد غني چيو تہ مريم نواز ٻڌائي تہ ھو ڪنھن کي تڪليف ۾ وجھي رھي آھي، بلاول ڀٽو زرداري ڪامياب پرڏيھي وزير ھو، عظميٰ بخاري جي الزامن جو جواب وزيراعظم شھباز شريف کي ڏيڻ گھرجي.

واضح رھي تہ مريم نواز پاران  ڪئنالن وارو معاملو اٿارڻ ۽ سنڌ سرڪار تي تنقيد بعد ٻنھي پارٽين وچ ۾ ھڪٻئي تي تنقيد ۽ لفظي گولاباري جو سلسلو جاري آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں