حماس پاران غزا جو انتظام ٽيڪنوڪريٽس جي عبوري فلسطيني انتظامي ڪميٽي حوالي ڪرڻ واري آڇ جي آجيان ڪريون ٿا: پاڪستان

فہرستِ مضامین

پاڪستان، حماس پاران غزا جو انتظام ماھر ٽيڪنوڪريٽس جي عبوري فلسطيني انتظامي ڪميٽي حوالي ڪرڻ واري ڇ جي آجيان ڪئي آھي.

پاڪستان جي پرڏيھي کاتي جو چوڻ آھي تہ اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، پاڪستان، ترڪيہ، سعودي عرب،  قطر ۽ مصر جي پرڏيھي وزيرن جي گڏيل بيان  ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا جنگ جي خاتمي بابت تجويز تي حماس جي ھاڪاري ردعمل جي آجيان ڪئي وئي آھي.

پرڏيھي ترجمان موجب گڏيل بيان ۾ حماس جي يرغمالين جي آزادي ۽ عملدرآمد جي طريقيڪار تي ڳالھيون شروع ڪرڻ جي فيصلي کي بہ ساراھيو ويو، آمريڪي صدر جي اسرائيل کان فوري بمباري روڪڻ جي مطالبي جي بہ آجيان ڪئي وئي.

پرڏيھي ترجمان جو چوڻ آھي تہ لاڳاپيل پرڏيھي وزيرن خطي ۾ امن جي قيام لاءِ صدر ٽرمپ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، ھي گڏيل اڳڀرايون پائيدار جنگبندي لاءِ  حقيقي موقعو فراھم ڪن ٿيون.

پڌرائي ۾ چيو ويو آھي  پرڏيھي وزيرن غزا ۾ انساني بحران جي خاتمي، فوري امداد جي فراھمي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ حماس پاران غزا جو انتظام عبوري فلسطيني انتظامي ڪميٽي حوالي ڪرڻ واري آڇ جي آجيان ڪئي.

پرڏيھي وزيرن تجويز تي عملدرآمد جو طريقيڪار طئي ڪرڻ لاءِ فوري ڳالھين جي شروعات تي زور ڏيندي چيو تہ جنگ جي فوري خاتمي، انساني امداد جي فراھمي ۽ فلسطيني عوام کي نيڪالي نہ ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں