سامونڊي طوفان ”شڪتي“ وڌيڪ طاقتور ٿي ويو، گجگوڙ سان وسڪارن جو امڪان”، طوفان ڇو ايندا آھن؟

فہرستِ مضامین

عربي سمنڊ ۾ موجود ھوا جو شديد دٻاءُ طوفان ۾ تبديل ٿي ويو، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ طوفاني وسڪارن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ شڪتي نالي سامونڊي طوفان جي شدت وڌڻ جو خدشو آھي، ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ طوفاني وسڪارن جا امڪان آھن

طوفان ڪراچي کان 360 ڪلوميٽر پري موجود آھي، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھي ٿو.

طوفان جو نالو ”شڪتي“ سريلنڪا رکيو

موسميات کاتي موجب طوفان جو نالو“شڪتي” رکيو ويو آھي، جيڪو سريلنڪا تجويز ڪيو آھي، طوفان گذريل 12 ڪلاڪن کان اولھہ طرف وڌڻ سان گڏ شدت اختيار ڪري شديد سامونڊي طوفان بڻجي ويو آھي، جيڪو ڪراچي کان 390 ڪلو ميٽر ڏکڻ-اولھ طرف موجود آھي.

موسميات کاتي موجب امڪان آھي تہ طوفان سڀاڻي تائين اتر اولھہ ۽ ويجھي مرڪزي اتر عربي سمنڊ تائين پھچندو، ان کانپوءِ طوفان اوڀر-اتر طرف مڙندو ۽ آھستي آھستي ڪمزور ٿي سگھي ٿو.

موسميات کاتي موجب طوفان جي اثر ھيٺ ھيٺين علائقن ۾ ھلڪي ۽ وچولي شدت جي ھوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آھي.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ طوفان وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ کانپوءِ ڪمزور ٿي سگھي ٿو، سمنڊ ۾ چاڙھہ سبب مھاڻن کي اونھي پاڻي ۾ نہ وڃڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن.

سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ 40 کان 55 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ھوائون گھلڻ جو امڪان بہ ظاھر ڪيو ويو آھي،سائيڪلون جي مرڪز ۽ ڀرپاسي ۾ ھوا جي رفتار 110 کان 125 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين وڌي سگھي ٿي.

موسميات خبردار بہ ڪيو آھي تہ ايندڙ 36 ڪلاڪن ۾ سمنڊ جي حالت خراب ۽ خطرناڪ رھڻ جو خدشو آھي، ان لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ھاءِ الرٽ رھڻ جون ھدايتون ڪيون ويون آھن.

سامونڊي طوفان سائڪلونڪ طوفان، جن کي عام طور تي سائڪلون، ھريڪين يا وري ٽائفون سڏجن ٿا، جيڪي قدرتي موسمي نظام آھن، جيڪي خاص حالتن ۾ عرب سمنڊ ۾ ٺھن ٿا.

سامونڊي طوفان ڇا هوندو آهي؟

سامونڊي طوفان (Cyclone) هڪ قسم جو شديد موسم جو نظام هوندو آهي، جيڪو گرم سمنڊ جي مٿاڇري تي پيدا ٿيندڙ گهٽ دٻاءَ (Low Pressure) سبب جنم وٺندو آهي. ان ۾ تيز هوائون، گجگوڙ، مينهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن زلزلي وانگر سمنڊ جي لهرن جي شڪل ۾ سخت تباهي آڻي سگهن ٿا.

سامونڊي طوفان ڇو ٺهندا آهن؟

جڏهن سمنڊ جو مٿاڇرو تمام گرم ٿي وڃي، ته اهو پاڻيءَ کي گرم بڻائي ٿو، جيڪو مٿي وڃي ٿو ۽ ٿڌو ٿي ڪڪر بڻائي ٿو. انهي عمل سان توانائي پيدا ٿئي ٿي، جيڪا طوفان جو ڪارڻ آهي.

گهٽ دٻاءُ وارو نظام، جتي دٻاءُ گهٽ ٿيندو آهي، اتي هوا ان جاءِ تي اچڻ لڳندي آهي. اها هوا مٿي چڙهندي رهي ٿي ۽ انهيءَ عمل سان طوفان جي حرڪت شروع ٿي وڃي ٿي.

ڌرتيءَ جي گردش سبب، طوفان گھمڻ لڳي ٿو، جيڪو اڌي گولي ۾ گھڙيءَ جي سوئي جي ابتڙ رخ ۾ گھمندو آهي.

سامونڊي طوفانن جي تاريخ

برصغير هند ۽ پاڪستان جي علائقن ۾ وقت بوقت خطرناڪ سامونڊي طوفان آيا آهن، ڪراچي ۾ 1839 ۾ سامونڊي طوفان آيو ھو، جنهن ۾ تقريبن 20,000 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ھئا.

1970 ۾ بنگال (اڳوڻو اوڀر پاڪستان)  بنگلاديش ۾ طوفان آيو، جنھن کي تاريخ جو خطرناڪ طوفان ڪوٺيو ويو ۽ ھن ۾

5 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں