وڏي وزير مراد علي شاھ خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ ذخيري بابت پاليسي ٺاھي منظوري وٺڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ڪڻڪ رليز ڪرڻ بابت پاليسي تي اجلاس ٿيو، جنھن ۾ صوبائي وزير محمد بخش مھر، مخدوم محبوب الزمان، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ سنڌ حڪومت مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي موجودگي يقيني بڻائڻ چاھي ٿي، ڪڻڪ موجود ھجي تہ اٽو ۽ ماني جي قيمت بھتر رھندي.
ھن چيو تہ سنڌ ۾ ھن وقت 12 لک ٽن ڪڻڪ موجود آھي.
اجلاس دوران آگاھي ڏني وئي تہ نجي شعبي وٽ بہ 6 لک ٽن ڪڻڪ موجود آھي.
وڏي وزير چيو تہ ساڍن چئن مھينن لاءِ اھا ڪڻڪ ڪافي آھي، ان دوران نئون فصل اچي ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاھ پاران خوراڪ کاتي کي ھدايت ڪئي وئي تہ ڪڻڪ جي ذخيري بابت پاليسي ٺاھي منظوري ورتي وڃي.
مراد علي شاھ وڌيڪ چيو تہ ڪڻڪ رليز پاليسي ۽ ان جي قيمت ھلندڙ ھفتي مقرر ڪرڻ چاھيون ٿا، ڪڻڪ پيداوار وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت 25 ايڪڙ وارن آبادگارن جي مدد ڪري رھي آھي.
وڏي وزير چيو تہ ھو 25 ايڪڙ وارن آبادگارن کي ھڪ بيگ ڊي اي پي ۽ 2 بيگ يوريا ڏئي رھيا آھن، سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ چاھين ٿا تہ جيئن ڪڻڪ جي فصل سٺو ٿئي.