ذوالفقار جونيئر جي سياست ۾ اچڻ جي آجيان، حڪومت بسپ ذريعي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان ھڪ ڀيرو ٻيھر مطالبو ڪيو آھي تہ ٻوڏ متاثرن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مدد ڪئي وڃي، بلاول ڀٽو ذوالفقار جونيئر جي سياست ۾ اچڻ جي بہ آجيان ڪئي.

وزيراعليٰ ھائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ سموري ملڪ ۾ زرعي شعبو مشڪل ۾ آھي، ٻوڏ کانپوءِ زرعي شعبو متاثر آھي، وفاق جي ذميواري آھي تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ماڻھن جي مدد ڪئي وڃي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام خلاف بيان ڏيندڙن کي ھن پروگرام بابت ڄاڻ بہ نہ ھوندي.

ھن چيو تہ پروگرام بابت ڪا بہ ترميم يا ڊرافٽ ناھي ڏنو، ڏکڻ پنجاب جي ماڻھن جو آخرڪار ڪھڙو ڏوھ آھي، وفاقي حڪومت پنھنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري.

ڪسان ڪارڊ ذريعي زميندارن ۽ ھارين جي مدد ڪنداسين: بلاول ڀٽو

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو تہ بينظير ڪسان ڪارڊ ذريعي زميندارن ۽ ھارين جي مدد ڪنداسين، ڪڻڪ جي فصل کي سپورٽ ڪنداسين، جيئن ڪڻڪ ٻاھران گھرائڻ جي ضرورت نہ پوي، وفاق ڪڻڪ خريداري ۽ امدادي قيمت نہ ملڻ جي مامري تي آءِ ايم ايف سان ڳالھائي.

پنجاب حڪومت جي قدمن جي واکاڻ ڪندي بلاول ڀٽو چيو تہ پنجاب حڪومت ھارين جو نقصان پورو ڪرڻ جو اعلان ڪري سٺو قدم کنيو آھي، وزيراعظم جا بہ ٿورائتا آھيون، جنھن زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ متاثرن جا بجلي بل معاف ڪيا.

پينشن مان ڪٽوتي نہ ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي احتجاج بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پيپلزپارٽي سدائين روزگار ڏنو آھي، اھا  ڪيئن ٿي ڪنھن جو حق کي کسي سگھي،  ملازمن جي پينشن ۾ ڪا بہ ڪٽوتي نہ ڪئي ويندي، احتجاج ڪندڙ ملازم بلاول ھائوس ڀلي اچن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ وڏي وزير کي ملازمن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ چيو آھي، سنڌ سرڪار ڪي سڌارا آڻڻ چاھي ٿي تہ ملازمن کي اعتماد ۾ وٺي

ذوالفقار جونيئر کي سياست ۾ ڀليڪار ڪندس: بلاول ڀٽو

بلاول ڀٽو زرداري ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ۽ فاطمہ ڀٽو جي سياست ۾ انٽري جي آجيان ڪندي چيو آھي تہ منھنجا ڪزنس سياست ۾ ايندا تہ کين ڀليڪار ڪنداسين. ھن چيو تہ منھنجا ڪزنس ڪافي وقت کان سياسي سرگرميون ڪري رھيا آھن، ھو سياست ۾ آيا تہ کين ڀليڪار ڪنداسين، ھو بہ سياست ۾ اچي ڀلي عوام جي خدمت ڪن.

ھن چيو تہ غنويٰ ڀٽو ڪيتري وقت کان سياست ۾ سرگرم رھي آھي، مان، منھنجي ڀينرن يا منھنجي خاندان مان ڪنھن ٻي فرد غنويٰ ڀٽو خلاف ڪڏھن ناھي ڳالھايو.

عرب ملڪ پاليسين تي نظرثاني ڪن

وچ اوڀر جي صورتحال بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ اميد آھي تہ دوحا تي حملي کانپوءِ وچ اوڀر جا ملڪ پنھنجي پاليسين تي نظرثاني ڪندا، سعودي عرب سان ٿيندڙ معاھدي جي سموري پاڪستان واکاڻ ڪئي آھي، معاھدي بابت ان ڪيمرا بريفنگ بہ ٿيندي.

ڪراچي جي صورتحال تي ڳالھائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ڪراچي ۾ روڊ ٺاھيون ٿا تہ ڪي صاحب اچن ٿا ۽ لائن وجھڻ لاءِ روڊ کوٽي ڇڏين ٿا، لياري ۾ نئون روڊ ٺاھيو ويو تہ گيس جي لائن وڇائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو، ڪراچي جي ترقي ۽ تعمير اسان جي ترجيح آھي.

بلوچستان جي مسئلي جو حل سياسي آھي

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ عوامي مسئلا پنھنجي جاءِ تي آھن، دھشتگردي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آھي، ماضي ۾ دھشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿياسين پر بلوچستان جي مسئلي جو حل سياسي آھي، سياسي اتفاق راءِ سان فيصلا وٺڻا پوندا، جيئن عوام جو فائدو ٿئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں