( لاھور: ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي چيو آھي تہ ھڪ باعزت شخص چئي رھيو آھي تہ حڪومت دنيا کي اپيل ڇو نٿي ڪري تہ اللھ جو واسطو آھي، اسان کي ڪجھ پئسا ڏيو پر انھن کي چوڻ چاھيان ٿي تہ اھي مشورا پاڻ وٽ رکو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 10 ھزارن سان ٻوڏ متاثرن جو ڪجھ نہ ٿيندو.
ڊيرا غازي خان ۾ اليڪٽرڪ بس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو تہ پنجاب۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي، 4 مھينن کان مسلسل برساتون ٿي رھيون آھن، پيپلزپارٽي اسان جي اتحادي آھي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ انھن پنجاب ۾ ٻوڏ جي معاملي تي سياست ڪئي.
ھن چيو تہ صدر آصف علي زرداري سندس وڏو ۽ بلاول ڀٽو ننڍو ڀاءُ آھي، سنڌ ۾ ڪا بہ آفت ايندي آھي تہ پنجاب ساڻس گڏ بيٺل ھوندو آھي، سنڌ جو ڪھڙو حال آھي ان تي نٿي وڃڻ چاھيان، پيپلزپارٽي جي ترجمانن کي سمجھايو وڃي.
مريم نواز ٻوڏ متاثرن کي 10 ھزار رپيا نہ پر 10 لک رپيا ڏيندي
مريم نواز چيو تہ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي امداد ڏيڻ جو چيو پيو وڃي، ٻوڏ متاثرن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 10 ھزارن سان ڪجھ نہ ٿيندو، مريم نواز ٻوڏ متاثرن کي 10 ھزار رپيا نہ پر 10 لک رپيا ڏيندي.
ٻين آڏو ھٿ ٽنگڻ جا مفت مشورو نٿا گھرجن: مريم نواز
پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو تہ روز مفت مشورا اچي رھيا آھن تہ دنيا کان امداد ڇو نہ گھري رھيا آھيو، مان نواز شريف جي ڌيءُ آھيان، امداد لاءِ ٻين آڏو ھٿ نہ ٽنگيديس، ڪو خوددار شخص ڪيئن ٿو ڪنھن آڏو ھٿ ٽنگي سگھي، اسان ڪيسيتائين ٻين آڏو ھٿ ٽنگيندا رھنداسين.
ھن وڌيڪ چيو تہ تمام آسان حل ڪڍيو آھي تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ماڻھن کي 5-5 يا 10-10 ھزار رپيا ڏنا وڃن، جن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو، جن جا گھر ڪري پيا، جن جا فصل تباھ ٿيا، انھن جو 10 ھزارن سان ڇا ٿيندو، مان سڀني جا گھر تعمير ڪرڻ چاھيان ٿي.
اين ايف سي جا کربين رپيا بينڪ ۾ رکڻ لاءِ نہ پر عوام لاءِ آھن
پنجاب جي وزيراعليٰ نالو وٺڻ کانسواءِ بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي چيو تہ پنھنجا مشورو پاڻ وٺو رکو، پنجاب معاملا سنڀالي وٺندو، اسان کي اين ايف سي مان اربين کرپين رپيا ملندا آھن، اھي ڪھڙي ڪم جا آھن، عوام جيڪڏھن اين ايف سي جو پئسو عوام تي خرچ نہ ڪندو تہ ڇا اھو پئسو بينڪ ۾ رکڻ لاءِ آھي؟
ڏکڻ پنجاب جو حوالو ڏيندي مريم نواز چيو تہ بار بار ڏکڻ پنجاب جي ڳالھ ڪري لائن ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي، ڏکڻ پنجاب جي لڪير ڪڍڻ وارن مان آسان نہ آھيون، ماضي ۾ ڏکڻ پنجاب جي علائقن سان رڳو واعدا ڪيا ويا، پر اسان ڏکڻ پنجاب ۾ عملي ڪم ڪري رھيا آھيون، پنجاب جي سمورن شھرن کي ترقيءَ جو ھڪڙو موقعو فراھم ڪيو پيو وڃي.
مريم نواز وڌيڪ چيو تہ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف لاءِ ھر ممڪن قدم کڻي رھيا آھيون، ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ، تيار ٿيل کاڌو ۽ راشن فراھم ڪيو ويو آھي، ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ دوران وزيرن تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي.