جعلي ڊگري ڪيس، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر جمشيد دستي کي 17 سال قيد جي سزا

فہرستِ مضامین

ملتان ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ )  ملتان جي عدالت عوام راج پارٽي جي سربراھ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر جمشيد دستي کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ مجموعي طور تي 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ملتان، عوام راج پارٽي جي سربراھ جمشيد احمد دستي خلاف جعلي ڊگري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.

عدالت جمشيد دستي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي، سندس خلاف اليڪشن ڪميشن جعلي ڊگري جو ڪيس داخل ڪرايو ھو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ملتان شق 82 تحت جوابدار کي 3 سال، شق 420 تحت 2 سال ۽ شق 468 تحت 7 سال قيد جو فيصلو ٻڌايو.

ان کان علاوہ جمشيد دستي کي شق 471 تحت 2 سال قيد ۽ 10 ھزار رپيا ڏنڊ، جڏھن تہ شق 206 تحت 3 سال قيد جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو.

اليڪشن ڪميشن موجب جمشيد دستي 2008 ۾ مدرسي جي بي اَي جي ڊگري تي اليڪشن ۾ حصو ورتو پر سندن سَند جو ھائير ايجوڪيشن ڪميشن وٽ رڪارڊ نہ آھي.

درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن موقف اختيار ڪيو تہ جمشيد دستي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي ڪئي ان ڪري حقيقت لڪائڻ تي جوابدار کي نااھل ڪرڻ گھرجي.

اليڪشن ڪميشن جي درخواست موجب جوابدار مظفر ڳڙھ جي تڪ اين اي 178 تان اليڪشن ۾ حصو ورتو، مدرسن جي ڊگري نامزدگي ڪاغذن سان گڏائي پيش ڪئي ھئي، جمشيد دستگي جي ڊگرين جو رڪارڊ موجود نہ آھي.

اليڪشن ڪميشن جو فيصلو

واضح رھي تہ اليڪشن ڪميسن 15 جولاءِ 2025 تي قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي کي نااھل قرار ڏنو ھو، سندس خلاف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ريفرنس موڪليو ھو، جنھن تي فيصلو ٻڌايو ويو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں