اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايٽمي ھٿيار ڇڏڻ جي ڳالھہ نہ ڪري ته ڳالھيون ٿي سگھن ٿيون ۔ 2019 کان پوءِ پهريون موقعو آهي جو اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڳالھين لاءِ راضپو ظاھر ڪيو آھي.اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري موجب ڪم جونگ اُن چيو ته ھو پابندين جي خاتمي جي بدلي ۾ پنهنجا ايٽمي هٿيار ڪڏهن به نه ڇڏيندو.
2019 ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهين ختم ٿيڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آھي.
اتر ڪوريا جي خابرو اداري موجب ، آچر جي ڏينهن سپريم پيپلز اسيمبلي کي خطاب دوران ڪم جونگ اُن چيو “ذاتي طور تي، اڃا تائين منهنجون ڊونلڊ ٽرمپ سان سٺيون يادون وابسته آهن.”
ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا جي صدر چيو ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي ڪم جونگ اُن وچ ۾ اتر ڪوريا جي ايٽمي هٿيارن جي خاتمي کانسواءِ نيو ڪليئر هٿيارن جي پيداوار منجمد ڪرڻ تي معاهدو ٿئي ٿو ته ھو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
هڪ انٽرويو ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ دعويٰ ڪئي ته اتر ڪوريا هر سال 15 کان 20 نوان ايٽمي هٿيار تيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته في الحال ايٽمي ھٿيارن بدران نيو ڪليئر هٿيارن جي تياري کي منجمد ڪرڻ حقيقت پسندانه متبادل هوندو.