لائیو اسحاق ڊار جو عباس عراقچي سان رابطو، امن ۽ استحڪام لاءِ عزم جو ورجاءُ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو۔

پرڏيهي آفيس موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ڳالهه ٻولهه دوران اسحاق ڊار خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي حصول لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو۔

ترجمان موجب عباس عراقچي امن عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ ايراني عملي ۽ مهاڻن جي محفوظ وطن واپسي تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو۔

ٻڌايو ويو آهي ته ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطن کي جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں