ملير ۾ قتل ٿيل ٽن خواجہ سرائن جي سڃاڻپ ٿي وئي، ”خواجه سرا سماج جو مظلوم طبقو آهي، رياست قتل برداشت نه ڪندي“: مراد علي شاھ

فہرستِ مضامین

ملير ۾ ٽن خواجہ سرائن کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد سندن لاش ڦٽا ڪيا ويا، ٽنھي مقتولن جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي.

ميمڻ ڳوٺ ۾ ايم نائين ويجھو ُٻوڙن مان 3 خواجا سرائن جا گوليون لڳل لاش مليا، ملير پوليس پھچي ٽنھي خواجہ سرائن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس واقعي تان شاھديون گڏ ڪري خواجا سرائن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آھن.

ايس ايس پي ملير عبدالحق خانزادھ واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل ورتا ۽ واقعي بابت ميڊيا تي تفصيل بہ شيئر ڪيا.

ايس ايس پي ٻڌايو تہ علائقي واسي ٻڌائين ٿا تہ مارجي ويل خواجہ سرا علائقي ۾ خيرات گھرندا ھئا.واقعي واري ھنڌ تان شاھديون ۽ مقتولن جا فنگر پرنٽسوورتا آھن، سندن پرس مان ڪنڊم ۽ ٽشوز مليا آھن، اھي بہ فارنزڪ لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا.

صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان رپورٽ طلب ڪئي.

گھرو وزير پنھنجي پڌرائي ۾ چيو تہ ايس ايس پي ملير واقعي جي شروعاتي معلومات سميت تفصيلن کان آگاهه ڪري، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽيليجنس ذريعن کي پڻ استعمال ڪيو وڃي

خواجہ سرائن جا قاتل کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ميمن ڳوٺ ۾ ٽن خواجه سرائن جي قتل جو نوٽيس وٺندي پوليس کي قاتلن جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن.

وڏي وزير پنھنجي بيان ۾ چيو تہ خواجه سرائن جي قاتلن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، خواجه سرا سماج جو اهو مظلوم طبقو آهي، جنهن کي اسان سڀني عزت ۽ احترام ڏيڻ آهي، رياست ڪنهن به مظلوم ۽ معصوم شهري جو قتل برداشت نه ڪندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں