امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ ڀيرو ٻيھر افغانستان جي بگرام ايئربيس کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي افغانستان کي ڌمڪي بہ ڏني آھي تہ جيڪڏھن ايئربيس واپس نہ مليو تہ سٺو نہ ٿيندو.
ٽرمپ پنھنجي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٽروٿ سوشل تي جاري پيغام ۾ لکيو تہ بگرام ايئربيس آمريڪا ٺاھيو ھو، ھاڻ افغانستان جيڪڏھن اھو ايئربيس واپس نہ ڪيو تہ سٺو نہ ٿيندو.
2ڏينھن اڳ برطانوي وزير اعظم ڪيئر اسٽارمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ھو تہ آمريڪا افغانستان ۾ بگرام ايئربيس واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.
صدر ٽرمپ جو چوڻ ھو تہ اسان پنھنجو فوجي اڏو واپس چاھيون ٿا، جنھن جو ڪارڻ اِھو اھي تہ ھن اڏي کان ھڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي چين پنھنجا ايٽمي ھٿيار ٺاھي رھيو آھي.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان پنھنجي ملڪ جي فوج جي واپسي بعد ڪيترائي ڀيرا اِھو چئي چڪو آھي تہ آمريڪا کي افغانستان ۾ بلگرام فوجي اڏو نہ ڇڏڻ گھرجي ھا.
لڳ ڀڳ 2 ڏھاڪن تائين اِھو اڏو القاعدا ۽ طالبان خلاف ويڙھ جو مرڪز رھيو آھي، اِھو 77 مربع ڪلو ميٽر تي پکڙيل آھي، جڏھن تہ ھن ۾ موجود بيرڪس ۽ رھاش گاھون ھڪ وقت ۾ 10 ھزار فوجي اھلڪارن کي پناھ ڏئي سگھن ٿيون.
بلگرام اڏي جي اھميت جو اندازو ھن ڳالھ سان لڳائي سگھجي ٿو تہ گذريل ٻن ڏھاڪن ۾ 3 آمريڪي صدر ھن اڏي جا دورا ڪري چڪا آھن، جن ۾ جارج ڊبليو بش، براڪ اوباما ۽ ڊونلڊ ٽرمپ شامل آھن، جوبائيڊن 2011 ۾ بلگرام ايئربيس جو دورو ڪيو ھو، ان دوران ھو آمريڪا جو نائب صدر ھو.
سويت يونين اِھو فوجي اڏو 1950 جي ڏھاڪي ۾ پروان صوبي ۾ قئام ڪيو ھو، بلگرام 1980 جي ڏھاڪي ۾ افغآنستان تي قبضي دوران سويت فوج جو اِھو انتھائي اھم اڏو سمجھيو ويندو.