ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ طئي ٿيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاھدو واکاڻ جوڳو آھي، ھن سنڌ ڪابينا ۾ تبديل وارين خبرن جي بہ ترديد ڪئي آھي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ڀارت سان تازين جھڙپن دوران پاڪ سعودي دفاعي معاھدي تي صحيح ٿيڻ مثبت اڳڀرائي آھي، سعدوي عرب سان دفاعي معاھدي جي اسان تعريف ڪئي، معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي وزيراعظم شھباز شريف ۽ سندس پوري ٽيم کي واڌايون ڏيان ٿو.
ريسڪيو ۽ بحالي جو عمل متاثر ٿيڻ جو امڪان
تازي ٻوڏ سبب سموري ملڪ ۾ ٿيل تباھي بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ حڪومت کي عالمي ادارن کي مدد جي اپيل ڪرڻ گھرجي ھا، درخواست نہ ڪرڻ سان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جو عمل متاثر ٿي سگھي ٿو.
ھن چيو تہ پاڪستان جي حڪومت، گڏيل قومن ۾ سھڪار ڪندي آھي، ان قدرتي آفت دوران پاڪستان جي عوام جو حق ھو تہ عالمي ادارن کان مدد ملندي آھي پر حڪومت پاران درخواست نہ ڪرڻ سبب عوام ان مدد کان محروم ٿي ويو آھي.
ٻوڏ متاثرن کي رڳو راشن ڏيڻ سان ڪم نہ ھلندو
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ رڳو راشن ڏيڻ سان ڪم ناھي ھلندو، حڪومت کي فوري طور عالمي ادارن کي مدد جي درخواست ڪرڻ گھرجي ھا تہ جيئن موسمياتي تبديلي، قدرت آفتن کي منھن ڏيڻ جو تجربو رکندڙ ادارن جي مدد حاصل ڪري سگھن.
ھن چيو تہ قدرتي آفت ڏيڻ دوران ڪنھن تي تنقيد نہ ڪرڻ گھرجي پر اسان جا مخالف سياست ڪرڻ جو ڪو موقعو ناھن وڃائيندا، ھي ھڪ بدترين ٻوڏ آھي، ان جا اثر عوام ڀوڳي رھيو آھي، خيبرپختونخواہ ۽ گلگت بلتستان ۾ ماڻھن جو وڏو جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آھي، پنجاب ۾ 47 لک کان وڌيڪ ماڻھو ماڻھو متاثر ٿيا.
ھڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ٻوڏ پنجاب کانپوءِ ھاڻي سنڌ طرف وڌي رھي آھي، صوبائي حڪومت ان مامري کي بھترين انداز ۾ سنڀاليو، سنڌ جي ڪچي ۾ ڪجھ آباديون متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي.
ٻوڏ متاثرن جي بي آءِ ايس پي تحت مدد ڪرڻ گھرجي
بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ وزيراعظم شھباز شريف کي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ بجلي جا بل معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي ھئي، جنھن تي سندس ٿورائتو آھيان، پر شھباز شريف کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ بہ چيو ھو، پر اڃا تائين ان تي عمل ناھي ٿيو.
ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلن تي ڳالھائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ملڪ جي سڀ کان وڏي شھر ۾ پاڻي جي مسئلي جو حل ڪڍڻ اسان جي ترجيح آھي، ڪجھ عرصو اڳ نيو حب ڪينال جو افتتاح ڪيو، شھر ۾ سوريج جي پاڻي کي پراسيس ڪري انڊسٽريز کي ڏيڻ جي ٻن منصوبن تي ڪم ڪري رھيا آھيون.
پيپلزپارٽي چيئرمين چيو تہ ڪراچي سميت سموري سنڌ جي منصوبن تي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ڳالھيون ٿينديون رھنديون آھن، شھر جي حوالي سان وزيراعظم کي ياد ڏياريو آھي، اميد آھي تہ وزيراعظم ڪراچي جي حوالي سان شھباز اسپيڊ وارو ڪيل واعدو پاڙيندو.
سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي
سنڌ ڪابينا ۽ وڏي وزير مراد علي شاھ جي تبديلي بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تہ ميڊيا پھريان پاڻ خبرون ھلائيندو آھي پوءِ اسان کان سوال ڪندو آھي، سنڌ ڪابينا ۽ وڏي وزير جي تبديلي وارين خبرن ۾ صداقت ناھي.