ڪراچي: آڊٽ پيپرن تي سيڪريٽري بدران صحيح ڪندڙ سيڪشن آفيسر کي معطل ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اختيارن کان مٿانھون قدم کڻي کاتي جي سيڪريٽري بدران آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪندڙ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر جنرل ايڊمنسٽريشن کي معطل ڪري ڇڏيو.

ڪميٽي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي تہ هو پي اي سي لاءِ کاتي جي ڪنہن بہ 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي فوڪل پرسن طور نامزد ڪري.

 خميس ڏينھن  پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جو ميمبر قاسم سراج سومرو، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري شهاب قمر انصاري، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا.

رڪارڊ فراھم نہ ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظھار

 اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ورڪس سروسز سان لاڳاپيل سال 2024-2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسرن طرفان مڪمل آڊٽ پيرائن بابت رڪارڊ فراهم نہ ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي.

 اجلاس ۾ آڊٽ جي ورڪنگ پيپرز تي کاتي جي پرنسپل اڪائونٽنٽ آفيسر (سيڪريٽري) جي صحيح بدران کاتي جي سيڪشن آفيسر جنرل ۽ ڊي ڊي او جي صحيح هجڻ تي پي اي سي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر قاسم سراج سومري پڇاڻو ڪيو تہ آڊٽ جي ورڪنگ پيپرن تي سيڪريٽري بدران سيڪشن آفيسر صحيح ڇو ڪئي آهي. آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪرڻ جو مجاز کاتي جو سيڪريٽري آهي، سيڪشن آفيسر يا ڊي ڊي او نہ آهي.

سيڪشن آفيسر اختيار اورانگھيا آھن

 چيئرمين پي اَي سي نثار کهڙو چيو تہ کاتي جي سيڪريٽري بدران سيڪشن آفيسر آڊٽ جي ڪاغذن تي صحيح ڪري اختيارن کي اورانگھيو آهي.

 ڪميٽي کاتي جي سيڪريٽري بدران آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪندڙ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڊي ڊي او غلام مصطفيٰ کي معطل ڪري ڇڏيو، کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ويو تہ پي اي سي لاءِ ڪنھن بہ 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي فوڪل پرسن طور نامزد ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں