ڪراچي: قيوم آباد ۾70 کان وڌيڪ ڇوڪرين سان مبينا زيادتي، جوابدار جي عدالت ۾ سڃاڻپ

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين ڪورٽ رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ نابالغ ڇوڪرين سان زيادتي جي الزام ھيٺ گرفتار جوابدار خلاف متاثر ڇوڪرين عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي سندس سڃاڻپ ڪري ورتي.

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪيس  جي ٻڌڻي ٿي، جتي متاثر چئن ٻارڙين جج آڏو گرفتار جوابدار شبير احمد تنولي جي سڃاڻپ ڪئي.

عدالت ۾ ٻارڙين جج آڏو پنھنجو 164 جو بيان قلمبند رڪارڊ ڪرايو ۽ چيو تہ عدالت ۾ موجود ان جوابدار ئي ساڻس زيادتي ڪئي.

ھوڏانھن پوليس جوابدار جي اعترافي جرم لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ جوابدار ڏوھ قبول ڪرڻ چاھي ٿو.

ڇوڪرين سان زيادتي جي الزام ھيٺ گرفتار جوابدار ھن وقت پوليس جي تحويل ۾ آھي، سندس خلاف 7 ڪيس داخل آھن.

پوليس موجب جوابدار کي علائقي واسين جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار 2016 کان ٻارڙين سان زيادتي ڪري وڊيو ٺاھيندو رھيو آھي، سندس خلاف ڊفينس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آھي.

جوابدار کي چماٽ

گذريل ڏينھن مبينا زيادتي جو شڪار ڇوڪرين کي بہ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن مان ھڪ ڇوڪري جوابدار کي ڏسي کيس چماٽ وھائي ڪڍي ھئي.نجي ٽي وي موجب جوابدار کي جڏھن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو تہ ھڪ صحافي کائنس سوال ڪيو تہ اوھان وڊيوز جو ڇا ڪندا ھئا؟ جنھن جي جواب ۾ جوابدار ٻڌايو تہ ھو وڊيوز کي بعد ۾ ڏسندو ھو.

متاثر ڪٽنب ۽ پوليس جو ڇا چوڻ آھي؟

ھن واقعي ۾ ھڪ فريادي عمران ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو تہ ھو َرنگ جو ڪم ڪندو آھي، عمران موجب سندس گھرواري ٻڌايو تہ 7 ورھين جي ڌيءُ گھر کان ٻاھر وئي ھئي، واپس آئي تہ جسم ۾سور جي شڪايت ڪري رھي ھئي، پڇڻ تي ٻارڙي ٻڌايو تہ جوس جي ريڙھي لڳائيندڙ ڇوڪرو ساڻس گنديون حرڪتون ڪندو آھي.

فريادي موجب ھو جوابدار جي سڃاڻپ لاءِ ھن پنھنجي نياڻي کي چيو، جنھن بعد سندس ڌيءُ کيس کي قيوم آباد جي ھڪ گھٽيءَ ۾  ھڪ گھر وٺي آئي، جتي تالو لڳل ھو، جنھن بعد ھنن ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني ھئي.

ٻـِي ايف آءِ آر ۾ محمد بلال موقف اختيار ڪيو تہ ھو محنت مزدوري ڪندو آھي ۽ 10 ورھين جي ڀيڻ سان قيوم آباد ۾ رھندو آھي، سندس ڀيڻ ڪجھ ڏينھن کان پريشان ھئي، جنھن ٻڌايو تہ کيس جسم جي  نازڪ حصي ۾سور آھي، ٻارڙي ٻڌايو تہ ھڪ ريڙھي وارو ساڻس ڏاڍائي ڪئي ۽ اڳ بہ ائين ڪندو رھيو آھي.

ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي تي ٽيون ڪيس محمد رياض داخل ڪيو، جنھن ٻڌايو تہ ھو ڪٻاڙي جو ڪم ڪندو آھي، سندس 2 نياڻيون جن جي عمر 10 ۽ 12 سالن جي آھي، جيڪي پريشان لڳي رھيون ھيون.

ڪيس جي فريادي محمد رياض موجب جڏھن سندس گھرواري معلومات ورتي تہ کيس خبر پئي تہ قيوم آباد ۾ ھڪ ڇوڪرو رھندو آھي، جنھن جو شربت جو ريڙھو آھي،اھو ٻنھي ڀينرن سان غلط حرڪتون ڪندو آھي، غلط حرڪتون ڪرڻ وقت جوابداروڊيو بہ ٺاھيندو آھي، جوابدار ڪيترائي ڀيرا ائين ڪري چڪو آھي.

ايس ايس پي ڏکڻ جي ڊبليو ٽي اين سان ڳالھ ٻولھ

ان حوالي سان ايس ايس پي ڏکڻ مھزور علي ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر حرا ٽالپر سان ڪجھ ڏينھن اڳ ڳالھ ٻولھ ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھن ٻڌايو ھو تہ جوابدار 70 جي لڳ ڀڳ ڇوڪرين ۽ ھڪ ڇوڪريَ سان ڏاڍائي ڪري چڪو آھي،سندس قبضي مان موبائيل فون ۽ ھڪ يو ايس بي بہ ملي آھي.

ايس ايس پي ٻڌايو جوابدار جو نالو شبير آھي، جيڪو ايبٽ آباد جو رھواسي آھي، 9 سالن کان ڪراچي جي علائقي قيوم آباد سي ايريا ۾ رھندو آھي، جوابدار ننڍين ڇوڪرين سان زيادتي ڪندو  رھيو آھي.                                  

جوابدار جي گرفتاري ڪيئن عمل ۾ آئي؟

ڊبليو ٽي اين جي سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي ڏکڻ ٻڌايو تہ ھڪ ڇوڪري جوابدار جي ڪمري ۾ وئي، جتان ھوءَ لڪائي ڪري ھڪ يو ايس بي کڻي آئي، جنھن اھا يو ايس بي دڪاندار کي ڏني،  دڪاندار جڏھن وڊيوز ۾ جوابدار جون تصويرون ڏٺيون، تڏھن ان جو نالو سامھون آيو.

ھن چيو تہ وڊيو ۾ سڃاڻپ ٿيڻ بعد علائقي واسين ٻڌايو تہ جوابدار قيوم آباد ۾ ئي رھندو آھي، جنھن بعد پوليس کي اطلاع مليو ۽ پوليس کيس گرفتار ڪيو، جوابدار جي ڪمري مان ھڪ بڪ ( ڪاپي ) ملي، جنھن ۾ ٻارڙين جا نالا بہ لکيل ھئا،  موبائيل فون مان ڪجھ وڊيوز ۽ تصويرون بہ مليون آھن.

جوابدار جو جاچ دوران اعتراف

ايس ايس پي ڏکڻ وڌيڪ ٻڌايو تہ جوابدار جاچ دوران 2016 کان وٺي 2025  تائين ڇوڪرين سان ڏاڍائي ڪندو رھيو، جوابدار جاچ دوران 70 کان وڌيڪ ڇوڪرين سان زيادتي جو اعتراف پڻ ڪيو آھي، سندس موبائيل فون مان 2 کان اڍائي سئو وڊيوز بہ مليون آھن.

ايس ايس پي مھزور علي جو اھو بہ چوڻ ھو تہ جوابدار خلاف 4 ڪيس داخل ٿي چڪا آھن، جاچ جاري آھي، ڊي اين اي سيمپل ليپ موڪليا ويندا، ان کانپوءِ جاچ جو سلسلو اڳتي وڌايو ويندو، جوابدار جن ڪيفيز تي ڪمپيوٽر استعمال ڪندو ھو، اھي بہ تحويل ۾ ورتا ويا آھن.

ايس ايس پي ڏکڻ چيو تہ جوابدارن جي قبضي مان 60 کان 70 ڇوڪرين  جا وڊيوز مليا، جن جي عمر 8 کان 13 سالن جي وچ ۾ آھي،  ھن چيو تہ في الحال اھو نٿو چئي سگھجي تہ جوابدار وڊيو ڀرڻ بعد وڪرو ڪندو ھو، ان حوالي سان بہ جاچ ھلندڙ آھي، اھڙي ڪا ڳالھ سامھون آئي تہ ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں